عفت عمر، عمران خان جي حڪومت کي آمرن کان به بدتر قرار ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عفت عمر وزيراعظم تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ ڳالهايو، هن عوام کي خواب ڏيکاريا ۽ پوءِ سڀ خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا.

عفت عمر تازو هڪ نجي ٽي وي شو ۾ مهمان طور شريڪ ٿي، جتي هن سياست جي حوالي سان به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته مان ضياءُ الحق جي دور ۾ وڏي ٿيس ۽ پوءِ پرويز مشرف جو دور به ڏٺو پر ايتريون خراب حالتون نه هيون، جيتريون هاڻ ٿي ويون آهن.

سندس چوڻ هو ته اهي ٻئي دور عمران خان جي دور جي ڀيٽ ۾ بهتر هئا، ان وقت معاشي صورتحال ايتري خراب نه هئي، جيتري هاڻ ٿي وئي آهي.

عفت عمر چيو ته مان ڪڏهن به سياستدان نه بڻجنديس، ڀلي مون کي آڇ به ڪئي وڃي، ڇو ته سياستدانن کي تمام گهڻا ڪوڙ ڳالهائڻا پوندا آهن ۽ مان ائين نٿي ڪري سگهان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.