سام سنگ گيليڪسي جي نئين فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

سام سنگ گيليڪسي ايم سيريز جو نئون سمارٽ فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.

اهو فون سڀ کان اڳ سيپٽمبر ۾ پولينڊ ۾ متعارف ڪرايوويو هو ۽ هاڻ ان کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

گيليڪسي ايم 52 فائيو جي ۾ 6.7 انچن جي سپر اموليڊ پلس ڊسپلي فل ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ۽ 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي ڊسپلي ۾ پنچ هول ڊزائين ۾ 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي پر اموليڊ ڊسپلي باوجود فنگر پرنٽ سينسر اسڪرين جي اندر ناهي ڏنو ويو پر سائيڊ تي پاور بٽڻ جو حصو آهي.

فون جي اندر ڪوالڪوم جو سنيپ ڊراگون 778 جي پراسيسر موجود آهي.

اهڙيءَ طرح 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ اضافو ڪري سگھجي ٿو.

فوٹو بشکریہ سام سنگ

پر فون جي هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ورچوئل ميموري جو فيچر ريم پلس جي موجودگي آهي.

حقيقت ۾ اهو پاڪستان ۾ سام سنگ جو پهريون فون آهي جنهن ۾ ورچوئل ميموري جو فيچر ڏنو پيو وڃي جنهن جي ڪري واهپيدار کي 6 سان گڏ 4 جي بي واڌو ريم سپورٽ حاصل ٿيندي.

اهو فيچر چين جي ڪمپنين جا مختلف فونز ۾ آهي پر سام سنگ هاڻي وڃي پنهنجي فونز ۾ ان کي شامل ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

گيليڪسي ايم 52 ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 25 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

ٻين فيچرز ۾ بلوٽوٿ 5.0، ڊوئل بينڊ واءِ فاءِ، جي پي ايس ۽ هيڊ فون جيڪ قابل ذڪر آهن.

گيليڪسي ايم 52 ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي سام سنگ جي ون يو آءِ 3.1 سان ليس ڪيو ويو آهي.

فون جي بيڪ تي ٽن ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيما 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 5 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا ان سيٽ جو حصو آهن.

فوٹو بشکریہ سام سنگ

پاڪستان ۾ اها فون 82 هزار 999 رپين ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.