بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 12 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي، جيڪا آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي.

ٽنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 26 نومبر جمعي کان ظهور احمد چوڌري ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، راند جي شروعات مقامي وقت موجب صبح 10 وڳي ٿيندي.

بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ اعلانيل 12 رڪني قومي ٽيم ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، محمد رضوان (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، عابد علي، اظهر علي، فهيم اشرف، فواد عالم، حسن علي، امام الحق، نعمان علي، ساجد خان ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.