نادرا جي بائيو ميٽرڪ ڊيٽا هيڪ ٿيڻ جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ انڪشاف ڪيو آهي ته نادرا جي بائيو ميٽرڪ ڊيٽا هيڪ ٿي چڪي آهي.

انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ جعلي سمن جي روڪٿام بابت بريفنگ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ڊاڪٽر طارق پرويز ٻڌايو ته نادرا جي بائيو ميٽرڪ ڊيٽا هيٿ چڪي آهي، جڏهن ته فيصل آباد ۾ هڪ ڪارروائي دوران 13 هزار جعلي سمون برآمد ڪيون آهن.

هن چيو ته نادرا جي ڊيٽا ڪمپرومائنز ٿي چڪي آهي ۽ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا هيڪ ٿي آهي، سائبر ڪرائم ونگ کي ان حوالي سان هيل تائين 89 هزار شڪايتون وصول ٿيون آهن پر عملو گهٽ آهي، رڳو 162 انويسٽيگيشن آفيسر آهن.

سندس چوڻ هو ته مالي فراڊ جا ڪيس ايندا آهن ۽ جڏهن ڪنهن کي پڪڙيندا آهيون ته ڪو بزرگ شخص يا عورت هوندي آهي.

اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبر ڪنول شوزب پارليامينٽ جي تازي گڏيل اجلاس ۾ ميمبرن جي موبائل لوڪيشن ٽريس ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.