وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ مداخلت جو اشارو ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جي معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ وفاق آمهون سامهون آهن، جڏهن ته هاڻ وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ مداخلت جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته 6.6 ملين ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آهي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منافعي خوري ۽ ذخيري اندوزي ۾ ملوث عنصر عوام دشمن آهن، انهن خلاف سخت انتظامي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

هن چيو ته ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جي کوٽ ناهي، انهن ڀاڻ ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪي مافياز سان گڏجي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن سبب اگهه وڌي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته مافيا واهپيدارن جو خيال رکڻ بدران منافعي خوري ۾ رڌل آهي، کنڊ جي شعبي لاءِ متعارف ڪرايل ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ڀاڻ جي صنعت لاءِ به استعمال ڪيو وڃي.

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام دشمنن خلاف اثرائتا قدم نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ وڌيڪ مهانگائيءَ جون دعوائون ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان وفاقي حڪومت جون اهڙيون دعوائون رد ڪيون ويون آهن.

تازو سنڌ جي خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمال چاولا چيو آهي ته خبر ناهي ڇو وفاقي وزير ڪوڙ ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ اٽي جي قيمت ٻين صوبن جي برابر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.