غوثپور ڀرسان روڊ حادثو، نوجوان فوت

غوثپور ڀرسان تيز رفتار چنگچي ريڙهي جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو.

غوثپور ڀرسان انڊس ھاءِ  وي تي باقري پمپ وٽ تيز رفتار چنگچي ريڙھي جو سامھون ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار نوجوان امام دين ڀيو سخت زخمي ٿي پيو.

جنهن کي شهرين کڻائي نجي اسپتال منتقل ڪيو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته چنگچي ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.