نوابشاهه: سڪرنڊ مان کنڀي گم ڪيل ماجد ڪيريو جي گرفتاري ظاهر

نوابشاهه پوليس ٻه مهينا اڳ سڪرنڊ مان  کنڀي گم ڪيل نوجوان ماجد ڪيريو جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي.

سي آءِ اي انچارج مبين پرهياڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيف الله ٻگھيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ماجد ڪيريو کي نواز ڏاھري ريلوي ڦاٽڪ وٽ عوامي ايڪسپريس ٽرين کي تباھه ڪرڻ جي ڪوشش دوران مارٽر گولن سميت گرفتار ڪيو  جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.