گمبٽ: روبينا اڄڻ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

گمبٽ ۾ مقتولا روبينا اڄڻ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ ساڃاهه وندن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

6 مهينا اڳ کهڙا واسڻ 22 ورهين جي ناري روبينا اڄڻ کي درگاهه پير ڪٽڪپال تان اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري لاش کي روهڙي ڪئنال ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ هڪ مهيني بعد عدالت جي حڪم تي ناري جي قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪيو ويو پر 6 مهينا گذري وڃڻ باوجود هن وقت تائين ناري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌر ناهي ڪئي وئي جنهن جي خلاف مقتولا جي وارثن ۽ ساڄاهه وندن پاران اڳواڻن انعام سنڌي، عدنان سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظارو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته نياڻي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪري سندس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.