صوماليا ۾ بم حملو، 8 ڄڻا مارجي ويا

 

موغاديشو (ويب ڊيسڪ) صومالي تخت گاهه موغاديشو ۾ هڪ بم حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا مارجي ويا.

اڄ خميس ڏينهن ٿيل ان حملي جي ذميواري عسڪريت پسند تنظيم الشباب قبول ڪئي آهي، الشباب موجب حملي ۾ عالمي فوجي مشن کي نشانو بڻايو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 17 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.

واضح رهي ته صوماليا ۾ شدت پسند تنظيم الشباب طرفان اهڙا حملا ٿيندا رهندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.