اوپو رينو 7 سيريز جا 3 نوان فونز متعارف

اوپو پنهنجي رينو سيريز جا 3 نوان فونز متعارف ڪرايا آهن.

اوپو رينو 7 سيريز رينو 7 فائيو جي، رينو 7 پرو 5 جي ۽ رينو 7 ايس اي 5 جي کي چين ۾ هڪ ايوينٽ دوران پيش ڪيو ويو.

اهي فونز 3 ڊسمبر تي واهپيدارن کي دستياب هوندا.

رينو 7 پرو

اهو ان سيريز جو بهترين فون آهي جنهن ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 1200 ميڪس پراسيسر موجود آهي.

رينو 7 پرو ۾ 6.55 انچن جي اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ 180 هرٽز ٽچ سيمپلنگ ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فنگر پرنٽ سينسر اسڪرين جي اندر لڳل آهي ۽ سوني آءِ ايم ايڪس 709 سينسر تي ٻڌل 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنج هول ڊزائين ۾ لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي جڏهن ته 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ هڪ الٽرا وائيڊ ڪيمرا ڏني وئي آهي.

بيڪ ڪيمرا سيٽ اپ جي چوڌاري ايل اي ڊي لائيٽ ڏني وئي آهي جيڪا نوٽيفڪيشن اچڻ تي چمڪا ڏئي ٿي.

اوپو رينو 7 پرو ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 12 آپريٽنگ سسٽم کي ڪلر او ايس 12 سان ليس ڪيو ويو آهي.

اها فون 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج سان ليس هوندي.

8 جي بي ريم وارو ماڊل 3699 يون آن (هڪ لک هڪ هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 12 جي بي ريم وارو ماڊل 3999 يو آن (هڪ لک 9 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.

رينو 7

اوپو رينو 7 ڪافي حد تائين پرو ماڊل جهڙو ئي آهي جنهن ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي پر 65 بدران 60 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

فون ۾ 6.43 انچن جي اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ آهي.

رينو 7 ۾ 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جڏهن ته سنيپ ڊراگون 778 جي پراسيسر ان جو حصو آهي.

فون جي بيڪ تي 64 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرائن تي ٻڌل سيٽ موجود آهي جڏهن ته فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي.

ان فون جي قيمت 2699 يو آن (74 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) کان شروع ٿيندي جيڪا 8 جي بي ريم ۽ 128جي بي  اسٽوريج وارو ماڊل آهي.

رينو 7 ايس اي

اهو ان سيريز جو سڀ کان سستو فون آحي جنهن ۾ 6.43 انچن جي اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي اندر 4500 ايم اي ايڇ بيٽري آهي جنهن سان گڏ 33 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

رينو 7 ايس اي ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 900 پراسيسر موجود آهي جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي تائين اسٽوريج ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسنگ ڪيمرا موجود آهن.

ان جو 128 بي اسٽوريج وارو ماڊل 2199 يو آن (60 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 256 جي بي اسٽوريج وارو ورجن 2399 يو آن (65هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.