ڌاٻيجي: گرڊ اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جو پگھارون نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ڌاٻيجي ۾ گرڊ اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن پاران 4 مهينن کان پگھارون جاري نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

ڌاٻيجي ڪي اليڪٽرڪ  گرڊ اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪمپني گرڊ اسٽيشن جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي پورهيتن رياض علي قريشي، محبت علي، محمد ابراھيم ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 4 مھينن کان نجي ڪمپني اي ايچ سي ايل جي ٺيڪدار  پگھارون بند ڪري ڇڏيون آھن جنهن سبب ڦاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون.

هنن چيو ته اسان جا ڪيترائي پورهيت بيماري آهن جن وٽ علاج لاءِ به پئسا نه آهن، ڪم ڪرڻ باوجود پئسا نه پيا ڏنا وڃن.

احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي مطالبو ڪندي چيو ته پگھارون جاري ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ قوم شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.