ڳاڙهو: ويم دوران عورت فوت، وارثن جو عملي تي غفلت جوالزام

ڳاڙهو ڀرسان صحت مرڪز ۾ ويم دوران عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته  عورت جي وارثن عملي تي غفلت جو الزام هڻندي انصاف جي گھر ڪئي آهي.

ڳاڙهو جي ڳوٺ لال خان لاشاري جي رهواسي رمضان لاشاري جي گھر واري ساجده کي ڊليوري لاءِ بنيادي صحت مرڪز ڳاڙھو آندو ويو جتي هوءَ ڊليوري دوران فوت ٿي وئي.

مقتول عورت جي وارثن رمضان، لال خان لاشاري ۽ الزام هڻندي چيو ته صحت مرڪز تي مقرر مڊوائيف جي غفلت سبب اسان جي عورت فوت ٿي آهي اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.