ميرپورماٿيلو: پورهيت پاران گھر ڊاهڻ خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي ۾ پورهيت پاران گھر ڊاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

لعل شاهه پاڙي جي رهواسي پورهيت محمد حسن شيخ گھرڀاتين سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته انتظاميا ريلوي جي زمين ڄاڻائي گھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي.

هن الزام هڻندي چيو ته ريلوي پوليس اهلڪار رشوت گھري جيڪا نه ڏني، ان کان پوءِ انتظاميا گھر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آهيان.

احتجاج ڪندڙ وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.