ملڪ هلائڻ جا دعويدار هڪ ايسوسيئيشن نٿا سنڀالي سگهن: اويس قادر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته ملڪ هلائڻ جا دعويدار هڪ ايسوسيئيشن نٿا سنڀالي سگهن.

ملڪ ۾ پيٽرول جي عدم فراهمي تي ردعمل ڏيندي اويس قادر شاهه چيو ته نااهل وفاقي حڪومت هر ڪاروبار کي پنهنجي منطقن سان نقصان پهچايو آهي، اهي وڌيڪ قيمتون پيٽروليم ڊيلرز جي ڪلهن تي رکي عوام کان وصول ڪندا.

واضح رهي ته پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي هڙتال سبب ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند هجڻ سبب عوام سخت تڪليف ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.