مريم نواز جي عمران خان لاءِ دعا!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام کي پيٽرول لاءِ قطارن ۾ بيهارڻ ظلم آهي.

پيٽرول بحران تي پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته عوام کي اٽي، کنڊ کانپوءِ پيٽرول لاءِ قطارن ۾ بيهارڻ رڳو بي حسي ۽ نااهلي نه پر ظلم جي انتها آهي، خدا جي خلق رُلي رهي آهي، تڙپي رهي آهي پر مجال آهي جو ظالم حڪومت کي ڪو فرق پئي.

هن چيو ته هڪ ڏينهن به عوام تي ظلم ڪندڙ عمران خان کي عوام جي تڪليف تي پريشان ٿيندي ناهي ڏٺو، منهنجي دعا آهي ته عمران خان، ان کي مڙهيندڙ ۽ وزير به قطارن ۾ بيهن ته جيئن کين خبر پئي ته عوام تي ڪهڙو ظلم ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.