ناپا کي متبادل جاءِ ڏيڻ تي سنڌ حڪومت کان رپورٽ طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ حڪومت کان ناپا کي متبادل جاءِ ڏيڻ بابت هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

هندو جيم خاني جي عمارت خالي ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٿي.

ڪراچي جي ڪمشنر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ناپا لاءِ شهر جي مرڪز ۾ ڪا مناسب جاءِ نه ملي.

عدالت سنڌ حڪومت کان ناپا کي متبادل جاءِ ڏيڻ بابت هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

چيف جسٽس ڊينسو هال جي تاريخي عمارت تي اڏاوتي ڪم جو به نوٽيس ورتو ۽ سيڪريٽري ڪلچر جي ڇنڊ پٽيندي چيو ته تاريخي عمارت تي ٻه فلور ڪيئن ٺهي ويا؟

عدالت عظميٰ غير قانوني اڏاوتون ڪيرائي ثقافتي عمارت بحال ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.