سنڌ ۾ اٽي جو اگهه ٻين صوبن جي برابر آهي: مڪيش ڪمار چاولا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته سنڌ ۾ اٽي جو اگهه ٻين صوبن جي برابر آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مڪيش ڪمال چاولا چيو ته خبر ناهي ڇو وفاقي وزير ڪوڙ ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن سال به 16 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ نه خريد ڪئي، سنڌ ۾ اٽي جي قيمت ٻين صوبن جي برابر آهي.

سندس چوڻ هو ته وفاقي وزير پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ڪوڙي پروپئگنڊا ذريعي ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.