ڪترينا جي شادي ۾ شرڪت لاءِ انوکو شرط

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي ۾ اچڻو آهي ته ڪيمرا گھر رکي اچڻي پوندي.

ڪترينا ڪيف هن وقت تائين پنهنجي شادي جي خبرن بابت ڪا به تصديق ناهي ڪئي پر پوءِ به سندس شادي جا تفصيل ڀارتي ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ جي ان جوڙي شادي ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ ڪجهه اصول بڻايا آهن.

جن مان هڪ اصول اهو آهي ته ڪو به مهمان شادي تقريبن ۾ پاڻ سان گڏ موبائل کڻي نٿو اچي سگھي، ڇو جو گهوٽ، ڪنوار نٿا چاهين ته سندن تصويرون ڪو ٻيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري. ان ڪري ڪترينا ڪيف جي ٽيم سيڪيورٽي اهلڪار به هائير ڪيا آهن جيڪي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته ڪا به تصوير ٻاهر نه اچي سگھي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينا ۽ وڪي ڪوشل ايندڙ هفتي ممبئي ۾ ڪورٽ ميرج ڪندا جڏهن ته ڊسمبر ۾ راجسٿان ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.