پوليو سبب پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري پوليو سبب پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي ان ۾ 3 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان پوليو جي عالمي پکيڙ لاءِ خطرو آهن، پاڪستان ۾ پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪاري والدين ۽ ڦڙن کان محروم ٻار چئلينج آهن.

صحت جي عالمي اداري موجب پاڪستان کان ٻاهر ويندڙن لاءِ پوليو ويڪسينيشن لازمي هوندي.

واضح رهي ته پاڪستان تي پوليو سبب سفري پابنديون 2014 ۾ لاڳو ڪيون ويون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.