ڪراچي: جعلي سمون وڪرو ڪندڙ 7 فرنچائز سيل، 9 ڄڻا گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي جعلي سمون کپائيندڙ 7 فرنچائز کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم عمران رياض ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سائبر ڪرائم سرڪل جعلي سمن خلاف شهرين جي دانهن تي ڪارروائي ڪئي.

هن چيو ته ڪارروائي دوران 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 7 فرنچائز سيل ڪيون ويون آهن، جوابدار سليڪون ٿمب ذريعي سم ايڪٽو ڪندا هئا.

سندس چوڻ هو ته ان گروهه ۾ پنجاب جا ماڻهو به شامل آهن، اهي غير قانوني سمون ڀتي خوري، قتل ۽ اغوا ۾ استعمال ٿينديون آهن، فرنچائز جا ماڻهو ان ۾ ملوث آهن، اسان انهن کي ٻن هفتن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ٻڌايو ته ٽن فرنچائز جا مئنيجر به جعلي سمن جي وڪري ۾ ملوث آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.