راڄوخاناڻي: سنڌي هاري تحريڪ پاران سنڌ مان سرداري نظام ۽ هارين جي حقن لاءِ ڌرڻو

راڄوخاناڻي ۾ سنڌي هاري تحريڪ  پاران اعلانيل سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جي خاتمي ۽ زمينون سنڌي هارين کي ڏيارڻ جي تحريڪ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر دلدار لغاري، رامجي ڪولهي، جاکرو نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي سلطاني واهه جي پل تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سرداري نظام بي گناهه ماڻهن جون جانيون ڳڙڪائي رهيو آهي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي موجود هجڻ باوجود سنڌ ايپيڪس ڪميٽي فيصلو ٿي ڪري ته سردار ڀلي جرڳا ڪن. جيتوڻيڪ عدالتون ڪيترائي ڀيرا جرڳن تي پابندي جا فيصلا ڏيئي چڪيون آهن.

هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي ها ته سردار ۽ وڏيرا ناظم جوکيو، فهميدا سيال، عيني بلوچ تانيا خاصخيلي سميت ٻين معصوم ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهن ها. پوليس جهڙو ادارو مڪمل طور تي جرڳا ڪندڙ سردارن جي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري ٿو.

سندن چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙن واقعن جا نوٽيس وٺي ڪردار ادا ڪري ۽ سنڌ جون زمين سنڌي هارين کي ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.