جهڏي ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو

جهڏي ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي تنبو کوڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن اياز کوسو، جليل انڙ، ساماڻو خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته  جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ آبپاشي عملدارن غير قانوني وارا بندي ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب فصل جي پوکي ناهيون ڪري سگھيا.

هنن الزام هڻندي چيو ته ڪوٽ غلام محمد آبپاشي کاتي جو ايس ڊي او اسان جي حصي جو پاڻي وڪري ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي، پاڻي جي کوٽ سبب معاشي ڌڪ رسيو آهي.

آبادگارن سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته پاڻي فراهم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.