ڀرياسٽي:عورتن جو احساس ڪفالت سينٽر جي عملي ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

ڀرياسٽي ۾ عورتن پاران احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر تي سهولتن نه هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي عورتن مسمات ڪريمت، مسمات سبحان خاتون ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته رجسٽريشن سينٽر جو عملو رشوت عيوض ۽ سفارشي عورتن جي رجسٽريشن ڪري رهيو آهي جڏهن ته بي پهچ ۽ رشوت نه ڏيندڙ عورتون سڄو ڏينهن بيهي واپس هليون وڃن ٿيون.

هن چيو ته احساس ڪفالت سينٽر تي پيئڻ جي پاڻي سميت عورتن لاءِ ڪا به سهولت نه آهي جنهن سبب عورتون سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن.

هنن وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪفالت سينٽر تان ڪرپٽ عملي کي هٽائي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.