”وفاقي حڪومت حل ٿيل مسئلا به پنهنجي نااهلي سبب بحران بڻائي ڇڏيندي آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم ڊيلرز جي مطالبن جي معاملي ۾ نااهلي ڏيکاري، پيٽرول پمپ بند ٿيڻ سان سڄو ملڪ پريشان آهي.

ملڪ ۾ پيٽرول پمپن جي بندش تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي پمپ بند آهن، جيڪي لکيل آهن، انهن تي قطارون لڳل آهن، ڪاروباري طبقو متاثر آهي، اها حڪومت جي ناڪامي آهي.

هن چيو ته ڪاروهنوار ٺپ ڪري عمران خان هر پاڪستاني جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي، تحريڪ انصاف حڪومت حل ٿيل مسئلا به نااهلي سبب بحران بڻائي ڇڏيندي آهي.

سندس چوڻ هو ته عوام اڳ کي ملڪي تاريخ جو مهانگو ترين پيٽرول خريد ڪري رهيو آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايندڙ واڌ تباهي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.