وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت ڊالر جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پوندي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين ناڻو موڪلي اسان کي سڀ کان وڌيڪ سپورٽ ڪيو.

سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سوهني ڌرتي ريميٽينس پروگرام جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني بئنڪنگ چينلز ذريعي پئسو موڪلين، بئنڪنگ چينلز سان پئسو موڪليندڙن کي ڪيتريون ئي سهولتون ڏنيون آهن.

هن چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو برآمدن تي ڌيان نه ڏيڻ آهي، اسان ڪڏهن به برآمدن تي ڌيان نه ڏنو، اسان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت ڊالر جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پوندي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين ناڻو موڪلي اسان کي سڀ کان وڌيڪ سپورٽ ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري پراپرٽي جي خريد ۾ ايندي آهي، ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتون ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.