اينٽي انڪروچمينٽ عملي تي نالن جي صفائي دوران شاگردياڻي سان زيادتي جو سنگين الزام

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ڪي ايم سي اينٽي انڪروچمينٽ عملي تي نالن جي صفائي دوران هڪ شاگردياڻي سان زيادتي جو سنگين الزام هڻي ڇڏيو.

حليم عادل شيخ سنگين الزام هڻندي چيو آهي ته ڪي ايم سي اينٽي انڪروچمينٽ عملي طرفان نالن جي صفائي دوران هڪ شاگردياڻي سان زيادتي ڪئي وئي، گهر نه ڀڃڻ جي بليڪ ميلنگ جو اهو واقعو پيش آيو، فوت ٿيل شاگردياڻي جي گهر ويس ته واقعي جو علم ٿيو.

سندس موجب ڪي ايم سي عملو ۽ ملازم گهر ٽوڙڻ ويا هئا، ان ئي دوران شاگردياڻي کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪيو ويو، اهي نالو نٿا ٻڌائڻ چاهين پر مان ساڻن رابطي ۾ آهيان.

هن چيو ته هڪ زندگي ۽ عزت به هلي وئي، مرتضيٰ وهاب کي چوان ٿو ته ان ٻارڙي جي وارثن تائين پهچو، ذميوار شهري هجڻ جي حيثيت سان ان جو نالو نٿو کڻان، اهو افسوسناڪ واقعو آهي، جن به ڪيو آهي انهن کي نه ڇڏيندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.