يو اين ماحوليات ڪانفرنس دوران زرتاج گل ۽ امين اسلم ۾ ويڙهه جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ايم اين اي رياض فتيانه انڪشاف ڪيو آهي ته يو اين ماحوليات ڪانفرنس دوران مملڪتي وزير زرتاج گل ۽ ماحولياتي تبديلي بابت صلاحڪار امين اسلم ۾ ويڙهه ٿي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ رياض فتيانه انڪشاف ڪيو ته گلاسگو ۾ مملڪتي وزير زرتاج گل ۽ ماحولياتي تبديلي بابت صلاحڪار امين اسلم ۾ ويڙهه ٿي ۽ زرتاج گل واپس موٽي آئي.

رياض فتيانه چيو ته گلاسگو ڪانفرنس ۾ آفيسرن جي نااهلي سبب نمائندگي غير معياري هئي، نيپال ۽ ٻين ملڪن جي وفد کي پاڪستان ڪئمپ ۾ ڪنهن آفيسر ريسيو نه ڪيو.

هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي نااهل آفيسرن سبب قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

ڪميٽي چيئرمين آڊٽ اختيارين کي زرتاج گل ۽ امين اسلم ۾ ويڙهه بابت جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.