ڪوٽڙي: مال گاڏي جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي

ڪوٽڙي ۾ مال گاڏي جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي.

ڪوٽڙي اسٽيشن ويجهو ڪراچي کان يوسف والا ويندڙ ڪوئلي سان ڀريل مال گاڏي جي آخري بوگي پٽڙي تان لهي وئي.

اطلاع ملڻ تي ريسڪيو عملي پهچي بوگي کي ٽريڪ تان هٽائي ٽريڪ کي بحال ڪيو.

جڏهن ته ريلوي انتظاميا پاران ٽريڪ جي بحالي تائين ايندڙ ويندڙ ريل گاڏين کي مختلف اسٽيشنز تي روڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.