نوابشاهه: ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوابشاهه ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڊاڪٽر فراز ڪيريو، ڊاڪٽر عمران جمالي، ڊاڪٽر مشا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ايم ايس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڊاڪٽرز جو چوڻ هو ته پي ايم سي اسپتال جي وارڊن جي حالت تمام گھڻي خراب آهي ۽ نه ئي اسپتال ۾ دوائون آهن جنهن سبب غريب مريض مري رهيا آهن.

هنن چيو ته ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود خرچ نه پئي ٿئي، پگھارون به بند آهن جنهن سبب سخت پريشان آهيون، 3 ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ باوجود مطالبا پورا نه پيا ڪيا وڃن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مطالبا تسليم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.