احساس راشن رعايت پروگرام ۾ رجسٽريشن ڪرائيندڙن لاءِ وڏو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيا نشتر احساس راشن رعايت پروگرام ۾ رجسٽريشن ڪرائيندڙن لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.

حڪومت طرفان احساس راشن رعايت پروگرام لاءِ ايس ايم ايس سروس جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيا نشتر چيو آهي ته احساس راشن رعايت پروگرام ٽارگيٽڊ سبسڊي، غربت جي خاتمي لاءِ آهي، 120 ارب رپين جي پروگرام مان 2 ڪروڙ خاندان فائدو حاصل ڪندا.

هن چيو ته ان پروگرام ۾ شفافيت يقيني بڻائي ويندي، حقدارن خاندانن، ڪرياني جي دڪاندارن جي الڳ رجسٽريشن ڪري رهيا آهيون، پروگرام ۾ 35 سيڪڙو وفاق ۽ 65 سيڪڙو صوبائي حڪومتون ڏئي رهيون آهن، جيڪي صوبا پئسو نه ڏيندا، اتي وفاق 35 سيڪڙو سبسڊي ڏيندو.

ثانيا نشتر اعلان ڪيو ته احساس راشن رعايت پروگرام ڪامياب ٿيڻ تي سبسڊي 6 شين تائين وڌائي ويندي، جنهن گهراڻي جي آمدني 50 هزارن تائين آهي، اهي به اپلاءِ ڪري سگهن ٿا، هڪ ڇت هيٺان 3 ڀائر رهن ٿا ته اهي 3 گهراڻا ڳڻيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته پروگرام لانچ ٿي ويو آهي، رجسٽريشن هلي رهي آهي، 15 ڊسمبر سبسڊي جي ڊيڊ لائن رکي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.