ڌيءَ جو قاتل نياڻو گرفتار ڪريو، لاڙڪاڻي ۾ والدين جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ايئرويز ڪالوني جي رهواسي پيرسن زال مڙس بااثر ڄاٽي ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت دوست محمد شيخ پنهنجي گهرواري حسينه خاتون ۽ ڏهٽي سعيده سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪجھه سال اڳ منهنجي ڌيءَ شاهده جو پهريون مڙس امداد شيخ بيماري سبب وفات ڪري ويو هو جنهن بعد اسان سندس شادي علي آباد پاڙي جي رهواسي پوليس اي ايس آءِ علي گوهر جويو سان ڪرائي، شادي کان اڳ ۾ اسان کان ڄاٽي علي گوهر اها ڳالھه ڳجهي رکي ته هن جون اڳ به ٻه شاديون ٿيل آهن جن مان کيس 9 ٻارن جي اولاد آهي، جڏهن ته منهنجي ڌيءُ شاهده سان شادي ڪرڻ کان اڳ ڄاٽي علي گوهر جويو 10 لک روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن بابت هن دستاويز تي لکي ڏنو. هن الزام لڳايو ته ڌيءَ جي شادي کان پوءِ اسان ڄاٽي کان پئسا ڏيڻ جي گهر ڪئي ته هن انڪار ڪري ڌيءُ شاهده کي گم ڪري سون چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو جنهن ڪيس ۾ آءُ 9 مهينا جيل ڪاٽي چڪو آهيان، منهنجو پٽ محمد علي 7 مهينا ۽ پٽ احمد علي 2 مهينا جيل ڪاٽي چڪا آهن جاچ ڊي ايس پي ميران خان دراني ڪري ڄاڻايو ته ڌيءُ شاهده کي سندس مڙس ۽ ٻين مائٽن قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي انڪوائري رپورٽ تازو 11 نومبر تي پڌري ڪئي وئي آهي ان جي باوجود رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ظالم ڄاٽي سندس پٽن رستم جويو، روشن جويو، ڀائرن منٺار ۽ جاني جويو توڙي سهولتڪار سيف الله چانڊيو خلاف ڪا به ڪاروائي يا ڪيس داخل نه ڪيو آهي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.