ڀرياسٽي ۾ استاد جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياروڊ شھر جي وارڊ نمبر 5 شيخ محلا واسي رٽائرڊ استاد ھادي بخش شيخ ۽ دانيال شيخ ڀرياسٽي پريس آڏو سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته شھر ڀرياروڊ جي ڦاٽڪ روڊ ۽ اسٽيشن روڊ مين چوڪ تي منھنجي ذاتي پراپرٽي جنھن ۾ دڪان ۽ ڪمرشل پلاٽ واقع آھي، جيڪا ملڪيت منھنجي ابن ڏاڍن کان ھلندي پئي اچي، جنھن جا دستاويز پڻ اسان وٽ موجود آھن ۽ ان جو ريڪارڊ روينيو کاتي جي ريڪارڊ ۾ پڻ موجود آھي، جڏھن ته ٽي ڏھاڙا اڳ ڪجهھ نام نھاد ۽ وڳوڙي عناصرن پاران ڪوڙو ڊرامو رچائي شھر اندر احتجاج ڪري اسان جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ۽ شھر اندر وڳوڙ ڪرائي امن امان جي فضا کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، چيف جسٽس، سيشن جج ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.