حيدرآباد ۾ واسا ملازم پگهار ۽ پينشن لاءِ دربدر، مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي شهرين کي پيئڻ جو پاڻي سپلاءِ ڪندڙ اداري واسا جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عطر خان چانگ، بلاول ملاح، اشفاق علي ۽ جميل شيخ جو چوڻ هو ته حڪومت جي بي ڌياني سبب سندن پگهارون هميشه رولڙي جو شڪار رهيون آهن، جنهن خلاف آواز اٿارڻ تي ايڇ ڊي اي انتظاميه کين پينشن ۽ پگهارون جاري ڪري ملازمن کي پڪو ڪرڻ بدران سندن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرايا آهن. هنن بلديا کاتي واري صوبائي وزير سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واسا جي ملازمن جا مسئلا حل ڪري ڪيل سمورا ڪيس ختم ڪري پگهار 25 هزار روپيا ڪري رهيل پگهارون فوري طور تي جاري ڪيون وڃن، مسئلا حل نه ٿيڻ تائين سندن احتجاج جاري رهندو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.