کدڙن فقيرن کي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏيڻ جو مطالبو

مٽياري (پ ر) ڪوليشن فار انڪليوسو پاڪستان ( سي آئي پي )  حيدرآباد ريجن جي اڳواڻن منظور گلاڻي ميمڻ . ڪريم بخش ميمڻ ۽ ٻين مٽياري ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت کان گھر ڪئي آھي تہ معاشري جي پٺتي پيل طبقي خاص طور معزورن ۽ خواجه سرائن جي سياسي چونڊ عمل ۾ برابري جي بنياد تي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاء جوگا اپاء ورتا وڃن جنھن ۾ مڪاني سطح تي يونين ڪائونسل کان وٺي ضلع ڪائونسل ۽ صوبائي قومي اسيمبلين تائين نمائندگي ڏني وڃي اڳواڻن اھا پڻ گھر ڪئي تہ معزورن ۽ خواجہ سرائن کي سياسي ۽ چونڊ عمل ۾ آڻڻ لاء اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽون مختص ڪيون وڃن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان ھر صوبي لاء ھڪ نشست مقرر ڪئي وڃي ان کان سواء مڪاني ادارن جي ھر يونين ڪائونسل ۾ ھڪ سيٽ مخصوص ڪئي وڃي تہ جيئين معزور ۽ خواجہ سرا بہ قانون سازي ۽ فيصلا سازي ۾ شريڪ ٿي سگھن.  ان کان سواء ( سي . آئي . پي ) حيدرآباد ريجن سياسي جماعتن تي زور ڀريندي گھر ڪئي آھي تہ سندن پارٽين جي تنظيم سازي ۾ عورتن ۽ اقليتن جيان معزورن ۽ خواجہ سرائن کي سياسي عمل ۾ ميمبر ۽ ليڊرشپ ۾ برابري جي بنياد تي شامل ڪيو وڃي اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ ( سي . پي . آئي ) اسلام آباد جي اڳواڻن امتياز فاطمہ . عابد لاشاري . لطيفان سولنگي خواجہ سرا بي بي بليدي چانڊيو ٻين پاران معذورن . خواجہ سرائن ۽ عورتن جي چونڊ عمل ۾ مساوي شرڪت لاء ھڪ جامع چونڊ سڌارن جي پيش ڪيل سفارشن کي مک نقطن ۾ شامل ڪيو وڃي جنھن ۾ جن علائقن ۾ 2018 جي اليڪشن ۾ عورتن جو ٽرن آئوٽ گھٽ آيو ھو انھن علائقن ۾ عورتن جي ووٽ بابت آگاهي لاء خاص مھم ھلائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.