پ پ جي نااهلي عروج تي پهچي چڪي آهي: سيد شفقت علي شاهه

سکر( رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاهه چيو آهي ته سکر پوليس فنڪشنل ليگ جي پنوعاقل مان اغوا ٿي ويل ڪارڪن عبدالرحيم واگھو ۽ سندس ڀاءُ شفيق واگھو کي اڃا تائين بازياب ناهي ڪرائي سگھي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي نااهلي سبب بدامني عروج تي پهچي چڪي آهي. هن اهڙيون ڳالهيون پنوعاقل ۾ اغوا ٿي ويل ٻنهي نوجوانن جي وارث استاد خير الدين واگھو ۽ ٻين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيون، سيد شفقت شاهه چيو ته سکر ضلعي ۾ بدامني عروج تي پهچي چڪي آهي. ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي. پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ ۾ بدامني وڌڻ باوجود سنڌ جا حڪمران خاموش ويٺل آهن.  پوليس جيڪڏهن ٻنهي مغوي نوجوانن کي بازياب نه ڪرايو ته احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. اسين سڀ مغوين جي وارثن سان گڏ آهيون. مغوين جي بازيابي لاءِ هر پليٽ فارم تي آواز اٿاريو ويندو.

  • ملير ۾ شهرين جو گهر تي قبضي خلاف احتجاج

ملير (ڊ.ر) شاهه لطيف جي رهواسين جو گهر تي قبضي خلاف ملير پريس ڪلب آڏو عورتن ۽ مردن جو احتجاجي مظاهرو، بااثر لينڊ مافيا شاهه لطيف پوليس جي سرپرستي ۾ گهر ۾ مسواڙ تي رهندڙ مردن ۽ عورتن کي تشدد ڪري گهر مان ڪڍڻ بعد گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي، لينڊ مافيا خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، خبر موجب شاهه لطيف جي رهواسين پاران گهر تي قبضي ڪرڻ خلاف عورتن ۽ مردن غلام مصطفيٰ راڄپر، يوسف عباسي، گلزار راڄپر، وحيد علي جمالي جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ شاهه لطيف جي سيڪٽر 30 بي ۾ فوجي ذوالفقار حاجي جي گهر تي لينڊ مافيا جي ماڻهن ذوالفقار ڀٽي، رحمان پٺاڻ، قاري سيف الله، شوڪت ڀٽي پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏ گهر تي چڙهائي ڪري گهر ۾ مسواڙ تي ويٺل الهڏتو شيخ ۽ شير علي شيخ جي عورتن ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪرڻ بعد کين مارڪٽ ڪري گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو،  واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ جڏهن شاهه لطيف پوليس ٿاڻي تي پهتاسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.