ڏوڪري ۾ پوليس زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڏوڪري  (  ن ع آ )  ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ قادر بخش مگسي جي رهواسي سيف ﷲ مگسي ڏوڪري پوليس خلاف پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڏوڪري پوليس اسان سان ناانصافي ڪري حراسان ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سروي نمبر 439, 440,441 ديھه وڪڙو ۾ آهي ۽ سروي نمبر 439 جي هڪ ايڪڙ 14 گهنٽا 1987 ۾ اسان جي ڏاڏي قادر بخش مگسي ڳوٺ آبادي لاءِ 11 سنتيون کڻي ڳوٺ آباد ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته بنا سبب جي پوليس حراسان ڪري رهي آهي جڏهن ته سروي نمبر 532 ڳوليمار ۽ سروي نمبر 320 پوليس کاتو ڏوڪري ديھه ۾ آهي. هن چيو ته ديھه وڪڙو ۽ ديھه ڏوڪري ۾ فرق آهي پوليس پنهنجي سروي نمبر تي وڃڻ بدران اسان جي سروي نمبر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته روينيو کاتي جي تيپدار جي غلط رپورٽ ڏئي مسئلا پيدا ڪرايا هئا.  سروي نمبر 439,440,441 اسان جي مورثي ملڪيت آهي، جنهن جو رڪارڊ به اسان وٽ موجود آهي، پوليس هاءِ ڪورٽ ۾  15/11/2021 تي لکت ۾ ڏيڻ بعد به اسان کي حراسان ڪري رهي آهي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

  • ميهڙ مان  گم ٿي ويل نينگر جو پتو نه پيو، امڙ جو احتجاج

ميھڙ (ن ع آ) ميھڙ جي علي شاھ ڪالوني جي رھواسين ڪولاچي برادري جي مردن عورتن ۽ ٻارڙن مسمات بشيران خاتون ڪولاچي حاجن ڪولاچي راشد ڪولاچي مشتاق ڪولاچي ۽ ٻين  پريس ڪلب ميھڙ پھچي روئيندي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 16 ورھين جو معصوم نينگر ڪامران ولد قمرالدين ڪولاچي جيڪو 3 مھينن کان گم ٿي ويو آھي ڳولا باوجود ڪو به پتو پئجي ناهي سگھيو گم ٿيل ننڍڙي جي ڏاڏي روئيندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي ڪامران جي گمشدگي جي ڪري اسان جو جي جھري پيو آھي ڏينھن رات پوٽي کي روئي روئي ياد ڪيان پئي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ڊي آء جي  حيدرآباد ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کي عرض ڪيون ٿا ته خدارا اسان جي معصوم ٻچڙي جي جلد کان جلد  ڳولا ۾  اسان جي مدد ڪئي وڃي ۽ اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.