حيدرآباد ۾ بيواهه جو ڌيءُ جي علاج لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي مصري شاهه ڪالوني جي رهواسڻ بيوس ۽ لاچار امڙ پنهنجي نياڻيءَ جي علاج ۾ مدد لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب تي پهتي، بيواهه عورت زيبو جو چوڻ هو ته سندس نياڻي سونيا گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، جنهن جو هڪ ڀيرو ڪراچي جي، جي پي ايم سي اسپتال مان آپريشن ڪرايو هو، جڏهن ته وري هاڻ مهيني بعد نياڻي سونيا جو آپريشن ڪرائڻو آهي، جنهن لاءِ وٽس هڪ روپيو به ناهي، هوءَ بيواهه آهي ۽ سندس ڪير به ڪمائڻ وارو ناهي، تنهن ڪري نياڻي جو آپريشن نٿي ڪرائي سگهي، نياڻي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس نياڻي جي علاج ۾ سندس مدد ڪري ان جي زندگي بچائي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.