ف ليگ ڪارڪن چونڊ جي تياري ڪن:وريام خاصخيلي

شاهپور چاڪر (ن ع آ) فنڪشنل مسلم ليگ ٽائون ڪاميٽي شاهپور چاڪر جو اجلاس فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ جان محمد وساڻ جي ميزباني ۾ شاهپور چاڪر لڳ ڳوٺ سومر وساڻ ۾ سندس رهائشگاھ تي ٿيو اجلاس کي ايم پي اي خليفو وريام فقير خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ فنڪشنل مسلم ليگ جا ڪارڪن تياري ڪن جلد بلدياتي چونڊون ٿي رھيون آھن جنھن ۾ پير سائين پاڳارو جي قيادت ۾ مخالفن کي چونڊن ۾ زبردست شڪست ڏيڻي آھي جنھن لاء ووٽرن جي تصديق ۽ داخل ڪرائڻ جو ڪم ٿي رھيو آھي جنھن ۾ پنھنجا ووٽ داخل ڪرايو شناختي ٺھرايو ضلع فنڪشنل ليگ جي ضلعي صدر نانا غلام دستگير راڄڙ خطاب ڪندي چيو تہ ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي عوام ڪرپٽ حڪمرانن کان بيزار آھي فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي ڊپٽي صوبائي جنرل سيڪريٽري وقار احمد جٽ خطاب ڪندي چيو تہ صوبہ سنڌ ۾ 13سالن کان حڪمراني ڪندڙن سنڌ کي ٻنھي ھٿن سان لٽي رھيا آھن حڪومت جا وزير ۽ ڪامورا ڪرپٽ ٿي ويا آھن جن لوٽ مار جي بازار گرم ڇڏي آھي اھڙن ڪرپٽ حڪمرانن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي اجلاس کي سابق ايم پي اي فقير محمد بخش خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.