تحريڪ انصاف حڪومت عوام کي رليف ناهي ڏنو: عمران جوڻيجو

ڏوڪري ( ن ع آ ) سردار زادہ عمران خان جوڻيجو جو چوڻ هو ته نيازي حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ملڪ جو عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پڙهجي رهيو آهي اهڙو اظهار هن ڪالھ ڏوڪري جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران مسلسل گيس، تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪري رهي آهي، جنهن سبب مهانگائي ۾ مسلسل اضافو ٿيندو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺي ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسلز ۽ ٽائونز ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ڏوڪري ٽائون مان حصو وٺي رهيو آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.