سنڌ مدرسي يونيورسٽي ۾ ٽي وي ڏهاڙي تي سيمينار

گلشن اقبال (ن ع آ) اسان ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ڪري رهيا آهيون پر شعوري طور تي پوئتي وڃي رهيا آهيون، اسان وٽ هن وقت ٽي وي تي ڏيکارڻ ۽ لکڻ لاءِ بهترين ۽ معياري مواد جو فقدان آهي. اهڙن خيالن جو ميڊيا ۽ ٽي وي انڊسٽري جي نالي وارن مقررين اظهار سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي شعبي ميڊيا ٽريننگ سينٽر پاران ٽي وي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ڪرايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي نامياري اداڪار ۽ هدايتڪار تنوير جمال چيو ته اڳ ۾ ٽي وي جو مواد رشتن کي ڳنڍيندو هو پر هاڻي رشتا ٽٽندي نظر اچي رهيا آهن، اسان جو معيار ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. اڳ ۾ ڊرامو لکڻ لاءِ سال لڳندا هئا ۽ هڪ جملو چوڻ لاءِ هفتي ۾ ريهرسل ڪرڻي پوندي هئي، پر اڄڪلهه اها ڳالهه ناهي، اسان هيٺ لهي ويا آهيون. هن وقت صحافين لاءِ اها لڪير لڳل آهي ته توهان هن پاسي آهيو يا ان پاسي جڏهن ته اڄ جا اينڪرز اداڪار ۽ اداڪار وري اينڪر بڻجي ويا آهن. هن چيو ته جڏهن 24 ڪلاڪ ٽرانسميشن شروع ٿي ته اسان جي ميڊيا انڊسٽري بلڪل تيار نه هئي. اڄڪلهه اخبار جي ايڊيٽوريل کي مارڪيٽنگ مينيجر طرفان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. اسان کي نوان خيال ۽ مثال پيدا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ماڻهن کي خبر ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي جو ڪيترو وڏو طوفان اچڻ وارو آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيترو خطرناڪ آهي پر اسان جو مسئلو اهو ناهي، اسان جو مسئلو آڊيو وڊيو اسڪينڊل آهي.ان موقعي تي قيصر خان نظاماڻي، ناجيه عاشر، مسعود رضا، ڪيف غزنوي ۽ اڪبر سبحاني پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.