فريدآباد ۾ حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، نعري بازي

فريدآباد ( ن ع آ (فريدآباد لڳ ڳوٺ ھيٺين اکڪڍائي ۾ کڏ جي مالڪي تان ڪرٽيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ 4 ڏينهن اڳ جھيڙو  ٿيو ھو ـ ڪيس ۾ گھربل جوابدارگرفتار نه ٿيڻ ـ ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف ڪرٽيا برادري جي عورتن ، مردن علي حسن ڪرٽيو ،محمد نواز ڪرٽيو ، گلابي ڪرٽيو، سردار خاتون ، سائمھ  خاتون، زھرا خاتون ، حضوران خاتون ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ـ ھنن چيو ته جھيڙي جا جوابدار 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس گرفتار ناھن ڪياـ ڪيس ۾ گھربل جوابدار عرض محمد ۽ ٻيا ھٿيار کڻي سرعام گھمي رھيا آهن ـ ھنن چيو ته جوابدار ٻاھران ماڻهو گھرائي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء دٻاء ۽ حراسان ڪري رھيا آهن ـ ھنن چيو ته ڳوٺ جي کڏ اسان جي آهي اسان جي مالڪي ۽ وارثي آهي ـ اسان پلال رکـنداسين ڪير به روڪي نه ٿو سگھي ـ ھنن چيو ته 3 ڏينهن اندر ڪيس ۾ گھربل جوابدار پوليس گرفتار نه ڪيا ته اسان فريدآباد  پل تي ڌرڻو ھڻنداسين ـ ھنن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.