ميرپور بٺورو ۾حد دخلين جو آزار وڌي ويو،شهري پريشان

ميرپوربٺورو(ن ع آ) ميرپور بٺورو ۾ مين بس اسٽاپ توڙي مهرشاه چوڪ، ڊاڪٽر گلي ۽ ٻين هنڌن تي حد دخليون وڌڻ سبب روڊ رستا سوڙها ٿي ويا آهن، مين بس اسٽاپ تي دڪانن جي اڳيان ريڙها بيهڻ ۽ هٿرادو رڪشا اسٽاپ ۽ سوزوڪي اسٽاپ قائم ٿيڻ سبب مسافر گاڏين توڙي موٽر سائيڪل جو گذرڻ به محال ٿي ويو آهي، مين بس اسٽاپ جي پلاٽ تي قبضي سبب مسافر بسون، سوزورڪيون ۽ چنگچي رڪشا روڊن تي بيهڻ معمول بڻجي ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد، دڙو، ڪراچي ۽ سجاول ويندڙ مسافر گاڏيون روڊ تي ئي هٿرادو اسٽاپ قائم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مين اسٽاپ تي قائم پبلڪ پارڪ جي چوڌاري ريڙها بيهڻ سبب پڻ ٽريفڪ جام جو آزار وڌي ويو آهي، ٻئي طرف مهرشاه چوڪ ۽ نيشنل بئنڪ چوڪ وٽ حد دخليون ۽ ريڙها روڊن تي بيهڻ سبب تعلقي اسپتال، نادرا آفيس، سول ڪورٽ ڏانهن ويندڙ ماڻهن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته ٽريفڪ جام جي آزار سبب مريض ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ساڃاه وندن حد دخلين سبب ٽريفڪ جي آزار تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ميرپوربٺورو جو عوام، مسافر، مريض سخت عذاب جو شڪار آهين ليڪن تعلقي انتظاميا جس آفيسر مختيار ڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيسن مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ميرپوربٺورو جي مين بس اسٽاپ، ڊاڪٽر گلي، مهرشاه چوڪ ۽ ٻين هنڌن تان حد دخليون ۽ ريڙها هٽائي روڊ رستن کي عام ماڻهن ۽ مسافر گاڏين هلڻ جي قابل بڻايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.