سوڀو ديرو ۾ وياجين خلاف ڳوٺاڻن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

سوڀوديرو (ن ع آ) ڳوٺ ڪينجھر جي رھواسي عورتن مسمات آمنت خاتون مسمات شڪيلا مڱڻيجو  جو معصوم ٻارن کي ساڻ کڻي احتجاج عورت شڪيلا مڱڻيجو دانھيندي چيو ته ڇھ ڏينھن اڳ بااثر وياجين نعمت مڱڻيجو،ڪريم بخش، تاج محمدم،معشوق،سرفراز مڱڻيجو وارن منھنجو مڙس غلام رسول مڱڻيجو ۽ مان ڊاڪٽر ڏي دوا وٺڻ لاء وڃون پيا ته سري عام اسان مٿان فائرنگ ڪري منھنجي لٺيون قنداق ۽ مڪون لتون ھڻي منھنجي  مڙس کي رتو رت ڪري ڇڏيو ھنن چيو ته اسان  پنجاھ ھزار وياج تي ورتا آھن ڏھ لک الھ تلھ وڪرو ڪري ڏنا آھن اڃان به چار لک وياج گھرن پيا علائقي جي ماڻھن انھن وياجين کي نياڻيون وڪرو ڪري پئسا ڏنا آھن پوليس کي سڀ خبر ھوندي رشوت ملڻ سبب خاموش آھي  اسان عورتون پنجن ڏينھن کان سوڀوديرو ٿاڻي جا انصاف لاء چڪر ڪاٽي رھيون آھيون سوڀوديرو پوليس  چوي ٿي صبح اچو شام اچو ايف آء آر داخل ڪيون ٿا رڳو ڏٽا پيا ڏين ۽ وياجين پاران اسان کان کسيل موٽرسائيڪل پڻ سوڀوديرو پوليس واپس اڃان نه ڏني آھي۔ڪمائڻ وارو ڪير نه آھي معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن .مرد ھڪ آھي جيڪو به گم آھي خبر ناھي غلام رسول کي وياجين قيد ڪيو آھي يا خوف ۾ ڀڄي ويو آھي ڪمائڻ وارو ڪير به نه آھي  ھن آء جي سنڌ۔ايس ايس پي خيرپور کي چيو ته الله ۽ قرآن جي واسطي وياجين خلاف قدم کڻي  انصاف  ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مجبورن ٻچن سميت پاڻ ساڙينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.