چونڊڪو مان کنڀيل نوجوان ظاهر نه ٿيو، گهر ۾ مايوسي

نارو (ن ع آ) سوراه ٿاڻي جي حد چونڊڪو شهر ۾ پ پ پ ايم اين اي پيرسيد فضل علي شاه جيلاني (پيرآف راڻي پور) جي ڀائٽي پيرسيد مٺا شاه جيلاني جي ايس ايڇ او سوراه خليل مسڻ خلاف  رکيل پوسٽ شيئر ڪرڻ جي ڏوه ۾ پوليس هٿان کنڀيل پورهيت کير وڪرو ڪندڙ دڪاندار نازڪ چنو 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ظاهر نه ٿي سگهيو آهي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل پورهيت جي گرفتاري بابت پوليس لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي ۽ پورهيت دڪاندار جي گهر ۾ قهرام مچي ويو آهي سندس پيرسن والدين کي بيهوشيء جا دورا پئجي رهيا آهن ان سلسلي ۾ پورهيت جي ڀاءُ امير علي چنو  پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن ايس ايڇ او سوراه خليل مسڻ پوليس اٽالا ساڻ ڪري کير جي دڪان تي چڙهائي ڪري منهنجي ڀاءُ نازڪ علي چنو کي شهرين جي سامهون کنڀي کڻي ويو جيڪو 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ٿاڻي تي يا ڪنهن لاڳاپيل عدالت ۾ ظاهر ناهي ڪيو پوليس پاران اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته پورهيت نازڪ چنو اسان وٽ ناهي اسان کي خدشو آهي ته پوليس منهنجي ڀاءُ ماري ڇڏيو آهي اسين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته منهنجي ڀاءُ جي زندگي بچائي کيس آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.