اسٽيل ٽائون مان پوليس هٿان 3 ڦورو گرفتار

ملير (ڊ.ر) اسٽيل ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي لنڪ روڊ وٽ ڪاروائي، ڦر جي وارداتن ۾ ملوث 3 رڪني گروهه گرفتار، گرفتار جوابدار سومار، حسن ۽ سلطان واقعي لاءِ گڏ ٿيا هئا، جن وٽان پوليس غير قانوني هٿيار ۽ 03 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ايس ايس پي ملير عرفان بهادر سان ٿي ان جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار موٽر سائيڪل لفٽنگ ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي مختلف ڏوهن ۾ ملوث هئا، ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون بن قاسم ۽ سکڻ ٿاڻي مان چوري ڪيون ويون هيون، گرفتار جوابدار عادي ڏوهاري آهن ۽ اڳ به گرفتار ٿي جيل ڪاٽي چڪا آهن، ٽنهي جوابدارن جي گرفتاري جي اطلاع شهر جي مختلف ٿاڻن تي ڏني آهي، گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ تفتيشي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جوابدارن وٽان هٿ آيل هٿيار فرانزڪ لاءِ موڪليا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.