نصيرآباد ۾بدامني، شهري اتحاد طرفان تحريڪ جو اعلان

نصيرآباد (ت ر ) ٽي ڏينھن اڳ نصيرآباد جي واپاري اسلم شيخ جي پٽ کان لکين رپيا ڦر ٿيڻ ۽ شھري اتحاد جي اڳواڻن ۽ شھرين طرفان انڊس هاءِ وي تي هنيل ڌرڻي باوجود نصيرآباد پوليس ڪو بہ تحرڪ نہ ورتو، جڏهن تہ ڌرڻي دوران ڊي ايس پي نصيرآباد خادم حسين بليدي طرفان ورتل ٻن ڏينھن واري مھلت پڻ اڄ ختم ٿي وئي، جنھن خلاف شھري اتحاد جي اڳواڻن سينگار نوناري، عنايت تنيو، معشوق ڦلپوٽو، ابراهيم چانڊيو، عمر چٽو، واپاري اسلم شيخ، بشير شيخ، رئوف شيخ ۽ ٻين ٽائون هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي، تہ نصيرآباد شھر جي پرامن ۽ معزز شھرين کي گذريل وڏي عرصي کان روزانو ڦرن، چورين ۽ ڌاڙن کي منھن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن تہ ڏوهاري سرعام وچ شھر، روڊن، رستن ۽ گھٽين مان ڦرون ۽ چوريون ڪرڻ کان علاوه ڪنھن جي دڪان ۾ تہ ڪنھن جي آفيس ۾ گھڙي زبردستي هٿيارن جي زور تي شھرين کي ڦرين پيا ۽ آساني سان فرار به ٿين پيا، جنھن جو اهم سبب هتان جِي پوليس انتظاميا جِي نااهلي، لاپرواهي ۽ ناڪامي آهي. هنن وڌيڪ چيو، تہ ٽي ڏينھن اڳ شھر جي معزز واپاري کان وچ شهر مان لکين رپين جِي ٿيل ڦر بعد ڪيل احتجاج دوران پوليس طرفان ورتل مھلت ختم ٿي چڪي آهي، جنھن خلاف سخت احتجاج ڪبو، هنن ايندڙ جمعي تي جنرل ڪائونسل جو اجلاس گھرائڻ ۽ بدامني خلاف سخت تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.