سنڌڙي ۾پاڻي جي سخت کوٽ،پڇڙي جي آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ

سنڌڙي (ن ع آ)سنڌڙي  جمڙائو ڪئنال  مان نڪرندڙ دوسو کيراھو شاخ جي پڇڙي ۾ پائي نه  پھتو  پاڻي نه  پھچڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکائي نه  ٿي سگھي  پڇڙي جي آبادگارن  اڳوڻي تعلقي نائب ناظم حاجي ھمير حاجن درس ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ڪڻڪ جي پوکي جي  موسم ختم ٿيڻ  واري آھي   منڍ جا سمورا واٽر ڪورس ٽٽل آھن  پڇڙي ۾ پيئڻ جو به  پاڻي نه  آھي  ھنن اعلا اختيارن کي اپيل ڪندي چيو ته   کيراھو دوسو شاخ جي پڇڙي  ۾ پاڻي پھچائي آبادگارن کي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي ھنن چتاء ڏنو ته    جيڪڏ ھن ٻن ڏينهن  اندر  پڇڙي ۾ پاڻي نه  پھتو ته  ڊائريڪٽر آفيس آڳيان ڌرڻو ھڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.