شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻي پهتو، شاندار آجيان

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان سپر ليگ جي اسٽار ۽ ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ بنگلاديش خلاف ڊيبيو ڪري پهرين اوور ۾ انٽرنيشنل وڪٽ حاصل ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻو پهچي ويو آهي. لاڙڪاڻي شهر جي پوليس ٽريننگ اسڪول ٻاهريان سندس ڪراچي مان آمد جي موقعي تي شاهنواز ڏاهاڻي کي سندس وارثن، شهرين ۽ مقامي ڪرڪيٽرن گلن جا هار پارائي سندس جو شاندارا استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته پاڪستان ٽيم طرفان بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مئچ کيڏڻ دوران ڊيبيو ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پهرين ڊيبيو ۾ آءُ پنهنجي پهرين وڪيٽ لاڙڪاڻي جي شهرين جي نالي ڪريان ٿو ڇاڪاڻ آءُ جڏهن ته لاڙڪاڻي ايندو آهيان ته هتان جا ماڻهو شاندار طريقي سان منهنجو استقبال ڪندا آهن. هن چيو ته جوفرا آرچرڊ منهنجو رول ماڊل رانديگر آهي آءُ راند ۾ ان کي فالو ڪندو آهي، ٽي ٽوئينٽي سان گڏ ڪوشش ۽ مستقبل جو مقصد اِهو آهي ته بهتر ڪارڪردگي جي ذريعي پاڪستان جي ٽيم طرفان ٽي ٽوئينٽي، ون ڊي ۽ ٽيسٽ مئچ کيڏي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.