رستم لڳ پوليس چڙھائي 6 ڄڻا کنڀي وئي، 3 گهر ڊاهي پٽ، ڌرڻو

لکي غلام شاھ(رپورٽ نديم جان مهر) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد شڪل جاگيراڻي ۽ جمعو ڳوٺ تي ڊي ايس پي لکي غلام شاھ ,غلام حسين پيرزادو جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙھائي  3 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا 6 ڄڻا گرفتار 4 ڏيتي ليتي تي آزاد 2 گم ڪيا ويا,پوليس چڙھائي خلاف ڳوٺاڻن مختيار علي ,علي حيدر , الطاف جاگيراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڊي ايس پي لکي غلام شاھ , غلام حسين پيرزادي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي اسان جي ڳوٺ تي بلاجواز چڙھائي ڪري گهر بلڊوزر ذريعي ڊاهي پٽ ڪيا ويا آھن ,ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته ڊي ايس پي لکي سياسي ونگار وهي رهيو آھي جنهن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ڳوٺاڻن مطابق ڏيڍ مهينو اڳ جاگيراڻي ۽ سيٺار تڪرار تان ڳوٺاڻو ممتاز سيٺار مارجي ويو هو ,جنهن جي ڪيس ۾ اسان 3 جوابدار پيش ڪري چڪا آھيون ۽ اسان جي ڪيسن ۾ 27 سيٺار پوليس کي گهربل آھن تن کي پوليس گرفتار نٿي ڪري ,احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته قتل جي جانچ ڊي ايس پي خانپور کي مليل آھي پر ڊي ايس پي لکي غلام شاھ سياسي چرچ تي اسان جي ڳوٺن تي چڙھايون ڪري گهر ڊاهي رهيو آھي هنن مطابق اڳ به ڊي ايس پي لکي ڳوٺ جمن ۽ غلام اڪبر جاگيراڻي ۾ 20 کان مٿي گهر ڊاهي پٽ ڪري چڪو آھي ٻئي طرف ساڳئي پوليس ڳوٺ جمعو مهر تي چڙھائي ڪري ڇهن ڄڻن کي گرفتار ڪري لکي ٿاڻي تي کڻي وڃڻ بعد چئن ڄڻن کي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو جڏھن ته ٻن ڄڻن شھمير مهر ۽نثار مهر کي نامعلوم هنڌ رکي ظاهر نه ڪيو ويو آھي. هوڏانهن رستم پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام علي بروهي جو چوڻ آھي  لکي پوليس جي ڪاروائي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.