لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ستون نمبر ناڪي وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ بعد سلپ ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شهر جي ميروخان چوڪ جو رهواسي نوجوان اعجاز لولائي سختزخمي ٿي پيو جنهن کي آسپاس جي ماڻهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ڪم سانگهي موٽرسائيڪل تي شهر ويو جتي شهر جي ستون نمبر ناڪي وٽ تيز رفتاري سبب سندس جي موٽرسائيڪل فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هو فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.